عمران خان جي سرپرستي ۾ شهزاد اڪبر رائيونڊ جو گهر ڪيرائڻ جو منصوبو جوڙيو: مريم اورنگزيب

لاهور: ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته دٻاءُ وجهي راتو رات دستاويز ۾ تبديلي ڪئي وئي، عمران خان جي سرپرستي ۾ شهزاد اڪبر منصوبو ٺاهيو ته رائيونڊ جو گهر ڪيرايو وڃي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته بورڊ آف روينيو جي عملي کان گن پوائنٽ تي رڪارڊ تبديل ڪرايو ويو ۽ پرائيويٽ لينڊ کي اسٽيٽ لينڊ بڻايو ويو، عدالت روڪي ڇڏيو نه ته انهن جو منصوبو تيار هو، عمران خان بغض نواز ۽ شهباز ۾ اهو سڀ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته شهزاد اڪبر عمران خان جي حڪم تي ڪميشن کائيندي پڪڙيو ويو، دستاويزن ۾ ڦير ڦار ڪندڙن جي باري ۾ اسان کي خبر آهي، رائيونڊ جي سڄي ايراضي 1992 کان شريف خاندان جي ملڪيت آهي، اهي ماڻهو ڪريل حرڪتن تي لهي پيا آهن، شريف فيملي يا اتي رهندڙن کي ڪو نوٽيس نه ڏنو ويو، شريف خاندان وٽ موجود رڪارڊ ڪو تبديل ڪندو. سندس چوڻ هو ته بدمعاش ٽولي جو فوڪس بورڊ آف روينيو ۽ رائيونڊ ۾ شريف خاندان جو گهر آهي، نيب نيازي ڳٺ جوڙ نظريو دفن ٿي ويو ته شريف خاندان جي گهر تي سڄي مشينري لڳائي وئي، همت يا جرئت آهي ته عمران خان جاتي عمرا جو گهر ڪيرائي ڏيکاري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔