وزير اعظم سان چيني سفير جي ملاقات، ٻطرفي معاملن سميت ڪورونا صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان سان چيني سفير نانگ رونگ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي معاملن سميت ڪورونا وائرس جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران غربت جي خاتمي بابت چين جي تجربن تي ڳالهيون ڪيون ويون، وزير اعظم غربت جي خاتمي تي چيني قيادت کي واڌايون پيش ڪيون. ان کان سواءِ وزير اعظم سي پيڪ کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو. وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان چين مان غربت جي خاتمي سان گڏ ترقي جو تجربو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪورونا جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي هن وقت ڪورونا جي ٽين لهر کي منهن ڏيڻو پيو پوي، حڪومت ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري بندوبست ڪري رهي آهي، حڪومت سڄي ملڪ ۾ ويڪسينيشن جو وسيع منصوبو تيار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔