واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ قومي سلامتي جو اجلاس طلب ڪري ورتو. آمريڪي ميڊيا موجب اجلاس ۾ ايران جي خلاف جنگ ٻيهر کان شروع ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ نائب صدر جي ڊي وينس، خصوصي سفير اسٽيو وٽڪوف، پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، وزير جنگ پيٽ بيگسيٿ، سي آءِ اي جو سربراهه جان ريٽڪليف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين جي شرڪت ڪرڻ جو امڪان آهي.
خبرون ڏيندڙ ايجنسي 2 اهلڪارن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ٽرمپ ڪنهن به قسم جي فوجي ايڪشن طرف مائل ٿي رهيو آهي ته جيئن ايران تي دٻاءُ وڌايو وڃي ۽ نيو ڪليئر پروگرام تي رعايتون حاصل ڪيون وڃن. ميڊيا رپورٽ موجب جيڪي آپشن غور هيٺ اچڻ جو امڪان آهي انهن ۾ پراجيڪٽ فريڊم بحال ڪرڻ يا ايران ۾ بقايه حدفن تي حملا شامل آهن.
صدر ٽرمپ اڳ ئي چئي چڪو آهي ته جنگبندي لائف سپورٽ تي آهي، ٽرمپ اهو به چئي چڪو آهي ته ايران جا نيو ڪليئر ذرات صرف آمريڪا ۽ چين ئي بازيافت ڪري سگهن ٿا ڇو ته صرف انهن ئي ٻنهي ملڪن وٽ انهي ڳالهه جي صلاحيت موجود آهي.
تبصرے بند ہیں۔