نئين وفاقي بجيٽ تي ڳالهين جي لاءِ آءِ ايم ايف وفد اڄ پاڪستان پهچندو

اسلام آباد:  نئين وفاقي بجيٽ تي ڳالهين جي لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد اڄ پاڪستان پهچندو جنهن کان پوءِ ڳالهين جي باقاعده شروعات ٿيندي.

آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بجيٽ ڳالهيون سڀاڻي کان شروع ٿينديون. انهي حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته نئون وفاقي بجيٽ آءِ ايم ايف شرط ۽ مشاورت سان تيار ڪرڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت بجيٽ تجويز ۽ سفارشن جي تياري تيز ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان هڪ هفتي تائين ڳالهيون جاري رهڻ جو امڪان آهي. ڳالهين جي دوران ٽيڪس حدف، ترقياتي خرچ ۽ مالي نظم، ضبط تي اهم ڳالهيون ٿينديون. انهي کان علاوه حڪومتي خرچ ۽ بجيٽ خسارو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تجويزون به غور هيٺ اينديون.

نئين مالي سال جي لاءِ ٽيڪس اصلاحات تي به آءِ ايم ايف سان مشاورت ٿيندي. انهي دوران عالمي مالياتي اداري جي وفد سان معاشي حڊف ۽ روينيو وڌائڻ تي ڳالهيون ٿينديون.

 

تبصرے بند ہیں۔