پيٽروليم ليوي: حڪومت صارفين کان 9 مهينن ۾ 12 کرب روپين کان وڌيڪ وصول ڪري ورتا

اسلام آباد:  حڪومت طرفان گذريل 9 مهينن جي دوران صارفين کان پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 12 کرب روپين کان وڌيڪ وڏي رقم وصول ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

دستاويز موجب صارفين کان پيٽروليم شين تي ليوي جي مد ۾ 12 کرب 5 ارب 18 ڪروڙ روپيه وصول ڪيا ويا آهن. انهي کان علاوه ڪلائميٽ سپورٽ ليوي جي مد ۾ به صارفين کان 35 ارب روپين جي اضافي رقم وصول ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ تفصيلن موجب جولائي 2025 ۾ صارفين کان 1 کرب 45 ارب جڏهن ته آگسٽ ۾ 1 کرب 15 ارب روپيه پيٽروليم  ليوي جي مد ۾ ورتا ويا. اهڙي طرح سيپٽمبر ۾ صارفين کان ليوي جي مد ۾ 1 کرب 11 ارب ۽ آڪٽوبر ۾ 1 کرب 45 ارب روپين جو ٽيڪس وصول ڪيو ويو آهي.

نومبر 2025 ۾ صارفين کان 1 کرب 51 ارب ۽ ڊسمبر ۾ 1 کرب 57 ارب پيٽروليم ليوي جي مد ۾ ورتو ويو. اهڙي طرح جنوري 2026 ۾ صارفين کان پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 1 کرب 24 ارب روپيه پيٽرول ليوي وصول ڪئي وئي. فيبروري ۾ 1 کرب 20 ارب ۽ مارچ ۾ 1 کرب 37 ارب پيٽروليم ليوي وصول ڪئي وئي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔