ڍاڪا ٽيسٽ: بنگلاديش پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 268 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو

ڍاڪا:   ڍاڪا ٽيسٽ جي آخري ڏينهن بنگلاديش پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 268 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو آهي.

بنگلاديش ٻئي اننگ 240 رنسون 9 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي ڊڪليئر ڪئي. پاڪستان کي ٽيسٽ کٽڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 75 اوورز ۾ 268  رنسون ٺاهڻيون پونديون. نجم الحسين شانتو 87 ۽ مومن الحق 56 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

بنگلاديش ٽيسٽ جي پنجين ڏينهن ٻئي اننگز 152 رنسون 3 رانديگرن جي آئوٽ کان شروع ڪئي. پنجين ڏينهن جي شروعات تي بنگلاديش جي چوٿين وڪيٽ 164 رنسن تي ڪري، مشفيق الرحيم 22 رنسون ٺاهي حسن علي جو شڪار ٿيو.

بنگلاديش جي پنجين وڪيٽ 190 رنسن تي ڪري، لٽن ڊاس کي 11 رنسن تي شاهين شاهه آفريدي آئوٽ ڪيو. پاڪستان جي نعمان علي ۽ حسن علي جون 3-3 وڪيٽون، شاهين آفريدي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

ياد رهي ته پهرين اننگز ۾ بنگلاديش جي ٽيم 413 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي، نجم الحسن شانتو 101، مومن الحق 91 ۽ مشفيق الرحيم 71 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان جي محمد عباس 5 ۽ شاهين آفريدي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته نعمان علي ۽ حسن علي هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 386  رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ائين بنگلاديش کي پهرين اننگز ۾ 27 رنسن جي برتري حاصل ٿي وئي. اذان اويس شاندار 103 رنسون اسڪور ڪيون. عبدالله فضل 60، محمد رضوان 59 ۽ سلمان علي آغا 58 رنسن سان نمايان رهيا. ٻين رانديگرن ۾ امام الحق 45 جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي 13 رنسون ٺاهيون.

بنگلاديش طرفان مهدي حسن ميراز بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته تسڪين احمد ۽ تيج الاسلام 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔