نوشهره: ميان عيسيٰ ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 7 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب مارجي ويلن م هڪ ڌر جا 4 ڀائر زاهق، واحد، صالح ۽ محمد علي شامل آهن جڏهن ته ٻئي ڌر جا زرغون شاهه ۽ انهي جا 2 پٽ ماجد ۽ ظهور جان مارجي ويا.
پوليس موجب واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي ڳري نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي جنهن سمورن لاشن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۽ قاضي حسين احمد ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيو ويو.
علائقي جي رهواسين موجب مقتول چار ڀائر پنهنجي گهر جي سامهون زمين تي ڪنڊيدار تارون لڳائي رهيا هئا ته انهي دوران زرغون شاهه ۽ انهن جي پٽن ماجد ۽ ظهور سان منهن ماري ٿي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي فائرنگ ۾ تبديل ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس اڃان تائين داخل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.
تبصرے بند ہیں۔