گڏيل عرب امارتن پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٺاهه لاءِ ڪردار جي تصديق ڪري ڇڏي

واشنگٽن : گڏيل عرب امارتن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙ جي ڪردار جي تصديق ڪري ڇڏي. واشنگٽن ۾ يو اي اي جي سفير يوسف العتيبه هڪ تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته گڏيل عرب امارتن پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪشمير تڪرار تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ سيز فائر ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اميد آهي ته انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بحال ٿي ويندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت شايد سٺا دوست ته نه بڻجي سگهن پر چاهيون ٿا ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا اهڙا هجن جو ٻئي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪن. عرب ميڊيا موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳجهيون ڳالهيون هلندڙ سال جنوري ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔