حڪومت کي ڪلڀوشن ڪيس ۾ ڀارت جي غلط فهمي ختم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: ڀارت جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي وڪيل مقرر ڪرڻ واري ڪيس ۾ پاڪستاني عدالت جي اختيارن واري دائري تي سوال اٿاريو. چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ لارجر بينچ ڀارتي هاءِ ڪميشن طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. هاءِ ڪميشن چيو ته پاڪستان جي عدالت جو ان ڪيس ۾ اختيارن جو دائرو نٿو بڻجي، ڪميشن جي درخواست تي چار قيدي آزاد ٿي چڪا آهن هاڻ درخواست غير موثر ٿي وئي آهي. عدالت پاڪستاني پرڏيهي وزارت کي ڀارت حڪومت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت ڀارتي هاءِ ڪميشن جي وڪيل کي چيو ته اِهو سوال انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد جو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڀارتي حڪومت کي ڪا غلط فهمي هجي، اسان پنهنجي اختيارن واري دائري کان ٻاهر نه پيا وڃون پر انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد پيا چاهيون. عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته پرڏيهي وزارت جي ذريعي توهان ان معاملي کي ڀارت سان ڪليئر ڪيو، جيڪڏهن ڀارت انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد نٿو چاهي ته ٻڌائي ڇڏي، پاڪستاني حڪومت انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ آئي حالانڪ ڀارت کي اچڻ گهرجي ها، گڏيل درخواست مان لڳي پيو ته ڀارت هن عدالتي ڪارروائي کي سمجهي ناهي سگهيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 8 ڀارتي شهرين جي لاءِ ڀارت وڪيل مقرر ڪيو، پر ڪلڀوشن ڪيس ۾ هن کي ڪا غلط فهمي آهي. عدالت حڪومت کي ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ پرڏيهي کاتي جي ذريعي ڀارتي حڪومت سان رابطي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ائين پيو لڳي ته ڀارتي حڪومت کي هن عدالت جي ڪارروائي بابت ڪا غلط فهمي آهي، پاڪستان حڪومت ڀارت سان رابطو ڪري غلط فهمي کي ختم ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس کي ڪلڀوشن ياديو ڪيس سان گڏ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔