هٿياربند جٿن کي ملڪ جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مطالبا ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر هٿياربند جٿن کي ملڪ جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي وزيرن ۽ حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ان دوران گهرو وزير شيخ رشيد ملڪي امن امان جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن کي تحريڪ لبيڪ تي پابندي جي فيصلي تي اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن واري وزير نور الحق قادري کي صورتحال تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ڪيون. عمران خان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين جي تعريف ڪندي چيو ته پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جنهن جذبي سان امن قائم ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔