حڪومت جو ٽي ايل پي جي خاتمي لاءِ سڀاڻي سپريم ڪورٽ سان رابطي جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ سڀاڻي ٽي ايلپي جي خلاف ريفرنس داخل ڪنداسين. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن جانين جو نذرانو ڏئي امن کي يقيني بڻايو، 580 پوليس وارا زخمي آهن ۽ سڀني کي سلام پيش ڪيان ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان پوري ڪوشش ڪئي ته ڳالهين سان مسئلا حل ٿين پر هنن جا ارادا ڏاڍا خطرناڪ هئا ۽ هنن پنهنجي ايجنڊا کان پوئتي هٽڻ نه پئي چاهيو، مان ٻن سالن کان مسلسل ٽي ايل پي سان رابطي رهيس، پر ٽي ايل پي فيض آباد اچڻ جي ضد تي هئي. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ٽي ايل پي تي پابندي جي نوٽيفڪيشن لاءِ ضروري ڪارروائي جاري آهي، ڪابينا تحريڪ لبيڪ تي پابندي جي منظوري ڏني، ڪجهه ئي دير ۾ نوٽيفڪيشن به جاري ٿي ويندو جڏهن ته سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٽي ايل پي جي خلاف ريفرنس داخل ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔