سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چيئرمين جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪيس بابت ٿيل ٻڌڻي جو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي چيئرمين جا 20 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين کي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو اهو عدالت ۾ ڇو پيش نه ٿيو، : درخواستگذار چيو آهي ته 2019ع ۾ ميڊيڪل ۾ 17 هين گريڊ جي 1783 پوسٽن تي انٽرويو وٺي من پسند اميدوارن کي پوسٽون ڏنيون ويون، عدالت سيڪريٽري سيد عطاءُالله شاهه پاران رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي کيس ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪري ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته 22 اپريل تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين عدالت ۾ پيش ٿئي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ عدالتي حڪم تي عمل درآمد کي يقيني بڻائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔