هٽائڻ چاهين ٿا، پر رت جي آخري ڦُڙي تائين وڙهندس: جسٽس قاضي فائز

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي نظر ثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي چيو آهي ته مون کي بطور جج عهدي تان هٽائڻ چاهين ٿا ۽ مون کي هٽائڻ جي خواش جو سبب هي آهي ته مان فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو ڏنو، پر مان رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس، همت نه هاريندس، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز دليل ڏيندي وڌيڪ چيو آهي ته فروغ نسيم مون تي ۽ منهنجي گهر واري تي سنگين الزام لڳايا، منهنجي خلاف ريفرنس ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو آئين ۽ قانون تي ٻڌل هو، منهنجي گهر واري ڪيس ۾ ڌر نه هئي، پوءِ به ان جي خلاف فيصلو ڏنو ويو، فروغ نسيم لاءِ عدالت جو احترام ناهي، هن لاءِ وزارت ضروري آهي. هن چيو آهي ته ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد فروغ نسيم لکت ۾ دليل جمع ڪرائيندو رهيو، پهريون ڀيرو ڪوئي قانون وارو وزير آهي جنهن پاڪستان جي آئين کي بنيادي حقن سان ٽڪراءُ قرار ڏنو، تفصيلي فيصلو اچڻ سان پهرين ئي ايف بي آر کي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو چيو ويو، جڏهن ته ٽيڪس ڪمشنر ذوالفقار احمد عدالت جي دٻاءُ ۾ اچي ڪارروائي ڪئي، هن چيو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ميمبر بدنيتي تي ٻڌل ڪارروائي ڪئي ۽ ڪڏهن به مون کي صفائي جو موقعو نه ڏنو، سپريم جوڊيشل ڪونسل انصاف جو قتل عام ڪيو، صدر منهنجي 3 خطن جو جواب ڏيڻ به بهتر نه سمجهيو، مون کي ريفرنس جي ڪاپي ناهي ملي پر ميڊيا تي دهل ۽ شرنايون وڄڻ شروع ٿي ويون، منهنجي ۽ گهر ڀاتين جي خلاف ففٿ جنريشن وار شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو آهي ته آصف سعيد کوسا منهنجو موقف ٻڌڻ بنا منهنجي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو، منهنجي ساٿي ججز جوڊيشل ڪونسل ۾ مون کي پاڳل شخص قرار ڏنو، چيو ويو ته عمران خان جي فيملي جي باري ۾ ڳالهه نٿي ٿي سگهي، عمران خان جڏهن ڪريڪٽر هو ته ان جو مداح هئس ۽ آٽو گراف به ورتو هو، هن چيو آهي ته عظمت سعيد منهنجو دوست هو پر ان جي فيصلي سان به ڏک ٿيو، عظمت سعيد اڄ حڪومت جي پسنديده شخصيت بڻيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔