سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 8 ماڻهو فوت، 653 نوان ڪيسز رپورٽ

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 8 ماڻهو فوت ٿي ويا، 653 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، ڪورونا بابت انگ اکر جاري ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت تائين فوتين جو تعداد 4541 ٿي ويو ۽ اڄ وڌيڪ 389 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، هن جو مجموعي تعداد 259388 ٿي ويو آهي. هن چيو آهي ته هن وقت 7033 مريض مختلف اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. ڪراچي ۾ 383 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ 76، سکر ۾ 17، قمبر ۽ شهيد بينظير ۾ 15، 15 نوشهروفيروز ۾ 13 جڏهن ته بدين ۽ لاڙڪاڻي ۾ 12، 12 ۽ شڪارپور ۾ 11، گهوٽڪي، سانگهڙ ۽ ڪشمور ۾ 10 ،10 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔