ايف آءِ اي جي ڪراچي ۾ ڪارروائي، هواله هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث 3جوابدار گرفتار

ڪراچي: ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل ڪارروائي ڪندي هواله هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار ڪري ورتا. ايف آءِ اي موجب جوابدار عبدالفتاح، سيد جاويد علي ۽ لطيف لاکو کي دائود پوٽا روڊ تان سندس آفيس مان گرفتار ڪيو ويو. جوابدار جي قبضي مان 2 موبائيل فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيا ڪاغذ هٿ ڪيا ويا، جوابدار سڄي سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ به هواله هنڊي هلائڻ جو اعتراف ڪيو. جوابدار عبدالفتاح اعتراف ڪيو ته سندس ڀاءَ وحيد علي به غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث آهي، ايف آءِ اي موجب قمبر شهدادڪوٽ، وڳڻ، بهرام، وارهه، لاڙڪاڻو، رتوديرو ۾ جوابدار جا ساٿي آهن، دوڙ، نوابشاهه، ڦل، گمبٽ، ڀان سعيد آباد، مورو ۽ خضدار تائين جوابدار جو نيٽ ورڪ آهي. ڄاڻايل شهرن ۾ ياسين ٻگھيو، شمس الدين، ساجد کوسو، راجا سومرو، نصير مغيري جوابدار لاءِ ڪم ڪن ٿا. ايف آءِ اي موجب بشير کوکر، سائينداد بروهي، امداد کوسو، امجد شاهه جوابدار جي نيٽ ورڪ ۾ شامل آهن، جڏهن ته سجاد لاشاري، فهيم لاشاري، ذوالفقار قريشي، عاقب علي، ڊاڪٽر اسماعيل، لطيف لاکو، اصغر، بشير ميمڻ، زمان ڪلهوڙو ۽ نذير به جوابدار عبدالفتاح جا ساٿي آهن. ايف آءِ اي موجب جوابدار هواله هنڊي ڪاروبار جو ماسٽر مائينڊ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔