سنڌ پوليس ۾ پهرين هندو ڊي ايس پي ٿيڻ واري ناري کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري

ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ پهرين هندو ڊي ايس پي ٿيڻ واري ناري منيشا کي مبارڪون ڏيڻ لاءِ سندس گهر مختلف شخصيتن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي .

ن ليگ جي ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني به منيشا جي گهر پهچي ويو ، کيئل داس ڪوهستاني منيشا ۽ سندس گهروارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ هر ڀاتي کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ ۽ لونگي جو تحفو ۽ مٺائي پڻ ڏني .

ان موقعي تي گهر ڀاتين کي مبارڪون ڏيندي کيئل داس ڪوهستاني جو چوڻ هو ته منيشا جي ڪاميابي تي کين تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ، خواهش آهي ته ناريون هر شعبي ۾ اڳتي اچن.

هن چيو ته کيس اميد آهي ته منيشا غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔