ڪورونا وائرس سبب سنڌ جي هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جو ساليانو عرس ملتوي

خيرپور: ضلعي انتظاميه ڪورونا وائرس سبب سچل سرمست جو ساليانو عرس ملتوي ڪري ڇڏيو، ڊي سي خيرپور احمد علي قريشي جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي پيش نظر سچل سرمست جو عرس مبارڪ نه ٿا ملهائي سگهون، سنڌ حڪومت پاران ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب سنڌ جي درگاهن کي بند ڪيو ويو آهي ان ڪري هن ڀيري سچل سرمست جو عرس مبارڪ به ملتوي ڪيو ويو آهي، هن چيو اميد آهي ته تمام جلد ڪورونا وائرس جي پاڙ پٽجي ويندي، جنهن بعد سموريون مذهبي توڙي سماجي سرگرميون ٻيهر شروع ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔