شهباز شريف جي ضمانت ميرٽ تي ناهي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور : پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف جي ضمانت ميرٽ تي ناهي ٿي، هن جي ضمانت ان ڪري ٿي جو ڪيس ٻڌڻ وارن ججز کي هڪ مهينو اڳ اسلام آباد پوسٽ ڪيو ويو آهي،

لاهور ۾ رمضان بازار جي دوري دوران ميڊيان سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪنهن ڪيس جي ضمانت، عدالت کان بري ٿيڻ جي مترادف ناهي، ضمانت ۾ هي ناهي لکيل ته هن چوري يا ڌاڙو ناهي هنيو، هن چيو آهي ته پهرين خاموشي پوءِ پي ڊي ايم سان عليحدگي ۽ هاڻي ضمانت، ميم ۽ شين ليگ پاڻ ئي جواب ڏين

ته هن جي پٺيان ڪهڙِي ڪهاڻي آهي، هن چيو آهي ته رمضان بازارن ۾ حڪومتي پاليسين تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي، مختلف مافياز کنڊ جي قلت پيدا ڪري رهيون آهن،

کنڊ اسٽال تي لڳل رش ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي آهي، عورتن کي مشورو آهي ته رمضان بازارن کي سير ۽ تفريح جو ذريعو نه بڻايو وڃي، هن چيو آهي ته اسان جو مقابلو مهانگائي ليگ جي خلاف آهي، عثمان بوزدار مهانگائي جي خلاف ٽف ميچ کيڏي رهيو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔