ملڪ ۾ ڪوورنا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 118 ماڻهو فوت

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪوورنا وائرس جا هاڃا جاري آهن، ڪورونا وگهي روزانو 100 انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي،

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس وڌيڪ 118 ماڻهن کان زندگيون کسي ورتيون، وائرس وگهي فوتين جو انگ 15 هزار 872 ٿي ويو، ڪورونا وائرس جا 5 هزار 395 نوان ڪيسز به ظاهر ٿيا آهن،

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4740 مريض ڪورونا کا صحتياب به ٿيا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 6 لک 46652 ٿي ويو آهي،

سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جي مجموعي انگ 270310 ٿي ويو، 4544 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ مريضن جو تعداد 285441 آهي ۽ 7209 ماڻهو وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن، بلوچستان ۾مريضن جو ڪل تعداد 20580 آهي ۽ 221 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔