وزيراعظم عمران خان تحريڪ لبيڪ تي پابندي جي سمري منظور ڪري ورتي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزارت تحريڪ لبيڪ تي پابندي جي سمري وزيراعظم کي موڪلي هئي جيڪا وزيراعظم منظور ڪري ورتي آهي .

ذريعن موجب گهرو وزارت طرفان موڪليل سمري تي ڪابينا مان سرڪيوليشن ذريعي راءِ وٺڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ ئي ڪابينا ميمبرن کان راءِ وٺڻ بعد مذهبي تنظيم تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو،

ذريعن موجب گهرو وزارت سمري دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي رول 11 بي تحت تيار ڪئي، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997 جي شق 11 بي وفاقي حڪومت کي ڪنهن به تنظيم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار ڏيئي ٿي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔