ملڪ جي مختلف حصن ۾ احتجاجي ڌرڻا ختم، ٽريفڪ بحال

لاهور: ملڪ جي مختلف حصن ۾ احتجاجي ڌرڻا ختم ڪيا ويا آهن جنهن کانپوءِ بلاڪ ڪيل رستا ۽ ريلوي ٽريڪ کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي.

سيالڪوٽ ۽ نارووال ۾ مقامي انتظاميا مذهبي تنظيم جي ڪارڪنن سان ڳالهيون ڪيون جنهن کانپوءِ سيالڪوٽ جي چاند چوڪ تي 3 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي.

نارووال ۾ به ڪامياب ڳالهين کانپوءِ بند ريلوي ڦاٽڪ کوليا ويا آهن جنهن بعد سيالڪوٽ ويندڙ علامه اقبال ٽرين لاهور کان سيلاڪوٽ ويندڙ لاساني ايڪسپريس نارووال کان رواني ٿي چڪي آهي.

ٻئي طرف خانيوال ۽ گجرات ۾ به پوليس احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو آهي،پوليس جو چوڻ آهي ته گجرات ۾ احتجاج دوران 22 پوليس اهلڪار ۽ آفيسر زخمي ٿيا.

پوليس موجب مختلف ٿاڻن ۾ 6 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ 50 ماڻهن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔