رولو ڪتا معصوم ٻارڙن کي اپاهج ڪري رهيا آهن،انهن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي :سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته رولو ڪتا معصوم ٻارڙن کي اپاهج ڪري رهيا آهن، ڪيس وڌڻ سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي، تازو ئي ٻالڪ جي اک ضايع ٿي وئي، ٻڌايو ته ڪتن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي، ڪتن جي ڏاڙهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سميت ڪراچي جي ضلعي انتظاميا توڙي ڪنٽونمينٽ انتظاميا کي طلب ڪري ورتو، جسٽس امجد سهتو ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن ٻالڪ کي ڪتي ڏاڙهيو، جيڪو سڄي ڄمار لاءِ اپاهچ ٿي ويو، ڪتن ٻالڪ جي اک ضايع ڪري ڇڏي، خبر ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ڇا ڪرڻ گهرجي، وڪيل ٻڌايو ته ڪتن جي آزار جو خاتمو ڪتن جي ڪلنگ سان ممڪن آهي، پر سپريم ڪورٽ ڪتا مارڻ کان روڪيو آهي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي اڳڀرائي رپورٽ 6 مئي تي طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔