پروٽيز شاهينن کان پلاند وٺي ڇڏيو، سيريز برابر

جوهانسبرگ: ڏکڻ آفريقا ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 4 ميچن جي سيريز 2-2 تان برابر ڪري ورتي.
جوهانسبرگ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ قومي ٽيم جون هڪٻئي پويان وڪيٽون ڪِرنديون رهيون.
گذريل ميچ ۾ شاندار پرفارمنس ڏيندڙ محمد رضوان کاتو ئي نه کوليو، جڏهن ته شرجيل خان 8 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.
ان موقعي تي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد حفيظ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو پر 68 جي مجموعي اسڪور تي 32 رنسون ٺاهيندڙ محمد حفيظ به پويلين موٽي ويو.
حيدر علي 12، فهيم اشرف 5، حسن علي 12، محمد نواز 2، شاهين آفريدي 7 ۽ عثمان قادر 4 رنسون ٺاهي سگهيو.
بابر اعظم محتاط بيٽنگ ڪندي 50 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ پاڪستان کي مڪمل تباهي کان بچائي ورتو.
پاڪستان مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ ميزبان ٽيم گهربل هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 14 اوورن ۾ پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي.
ڏکڻ آفريقا طرفان ايڊن مارڪرم 54 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪپتان هينرچ ڪلاسين 36 ۽ جارج لندي 20 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
پروٽيز ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي 4 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔