گهريلو معاشي ۽ معاشرتي ذميواريون عورتن کي دل جو مريض بنائي رهيون آهن

واشنگٽن: بدلجندڙ ماحول جو نفسياتي دٻاءُ، روزگار جو دٻاءُ، گهريلو ذميواريون ۽ معاشرتي معاملا عورتن جي صحت تي وڏا اثر وجهي رهيا آهن ۽ هو دل جو مرض خاص طور تي ڪارڊيو ويسڪيولر بيمارين جو شڪار ٿي رهيون آهن.اهو مطالعو ڊريڪسل يونيورسٽي ۾ واقع ڊورنسائف اسڪول آف پبلڪ هيلٿ جي سائنسدانن ڪيو آهي. ان مطالعي ۾ ملازمت ۽ معاشرتي دٻاءُ جو خاص طور تي مطالعو ڪيو ويو آهي. يعني معاشرتي رابطا ۽ رشتا نڀائڻ جو ڪم ۽ ڪم جي پريشاني گڏيل طور تي ٻٽي ڌڪ جو ڪم ڪندي آهي ۽ اهڙي طرح عورتن ۾ ٻين جي مقابلي ۾ دل جو مريض بنجڻ جو خطرو 21 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي اها تحقيق آمريڪي هارٽ ايسوسيئيشن جي جنرل ۾ شايع ٿي آهي. ان کان علاوه شريڪ حيات جي موت، طلاق ۽ ڌار ٿيڻ، گهر يا ساهورن جا طعنا، سماجي دٻاءُ جهڙا نفسياتي عمل انفرادي طور تي عورتن کي متاٿر ڪندا آهن. ان سان گڏوگڏ آفيس جو زهريلو ماحول، ڪم جو دٻاءُ، ناانصافي ۽ ٻيا مسئلا عورتن کي وڌيڪ مايوسي ۽ بيماري طرف ڌڪيندا آهن اها ڪيفيت دل جي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿي.هن مطالعي ۾ 80 هزار کان وڌيڪ عورتن جو جائزو ورتو ويو جيڪي سن ياس(مينوباز) مان گذري چڪيون هيون. ان سڀني جو 1991ع کان 2015 تائين جو جائزو ورتو ويو آهي. وقفي وقفي سان ان عورتن ۾ معاشرتي نفسياتي دٻاءُ، خاص طور تي نوڪري جو دٻاءُ ڏٺو ويو ۽ ٻئي معاشري عمل جو جائزو به ورتو ويو. سموري مطالعي جي 14 سالن ۾ 5 سيڪڙو عورتون دل جون مريض بڻجي چڪيون هيون ان ۾ سمورن سببن جو جائزو ورتو ويو ته خبر پئي ته معاشي ۽ ملازمتي دٻاءُ جو ان بيماري ۾ 12 سيڪڙو ڪردار آهي.يعني اهو عمل مرض جي امڪان کي 12 سيڪڙو تائين وڌائي سگهي ٿو. معاشرتي دٻاءُ جو ڪردار 8 سيڪڙو ڏٺو ويو. ماهرن ان حوالي سان عورتن کي مشورو ڏنو آهي ته هو جيستائين ممڪن ٿئي انهي ڪم جي دٻاءُ ۽ معاشرتي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔