پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان: ڪير به اسان تي فيصلا نٿو مڙهي سگهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پيپلزپارٽي، پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ڊي ايم جي سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو ته پي ڊي ايم جي سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏني ويندي، جنهن کي به استعيفيٰ ڏيڻي آهي ته ڏئي ڇڏي، پر ڪنهن به پارٽي کي ڊڪٽيٽ نه ڪيو، استعفيٰ آخري هٿيار هجڻ گهرجي، اهوئي اسان جو موقف رهندو، هي پ پ جو تاريخي رهيو ۽ درست ثابت ٿيو آهي، هن چيو آهي ته ڪير به اسان جي مٿان پنهنجو فيصلو مڙهي نٿو سگهي، نه ئي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري، اسان اي اين پي کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، اسان انهن سان گڏ بيٺل آهيون، بلاول ڀٽو زرداري شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ تي پي ڊي ايم کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کان معافي وٺي، اپوزيشن جي خلاف اپوزيشن جي سياست جي مزاحمت ڪيون ٿا، هن چيو آهي ته پنجاب ۾ سينيٽ جون 5 سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏنيون ويون ته ڪوئي نوٽيس نه ڏنو ويو، اي آر ڊي کان وٺي ڪنهن به اپوزيشن جي تحريڪ ۾ ڪوئي شوڪاز نوٽيس جاري ناهي ٿيو، هن وڌيڪ چيو آهي ته عزت ۽ برابري سان گڏ سياست ڪرڻ ڄاڻيون ٿا ۽ ڪندا رهنداسين، حڪومت کي آرام سان ويهڻ نه ڏينداسين نه ئي ويهڻ ڏنو آهي، اسان چاهيون ٿا ته اپوزيشن جي وچ ۾ ورڪنگ ريليشن شپ ٿيڻ گهرجي ته جيئن پارليمان جي اندر ۽ ٻاهر گڏجي حڪومت جي مخالفت ڪجي، هن چيو آهي ته صرف ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺي پي ڊي ايم حڪومت کي ايڪسپوز ڪري ڇڏيو، دنيا کي ڏيکاريو ته عوام حڪومت سان گڏ نه پر اپوزيشن سان گڏ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔