ڊائو يونيورسٽي ۾ پاڪستان جي تاريخ جو پهريون جگر جو آٽو ٽرانسپلانٽ

ڪراچي: ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڪراچي ۾ پاڪستان جي تاريخ جو پهريون جگر جو آٽو ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو. اهڙي علاج واري طريقي دوران ڪينسر سان متاثر جگر کي جسم مان ڪڍي ڪينسر کان ڌار ڪيو ويندو آهي ۽ تباهه ٿيندڙ شريانين کي مصنوعي شريانين سان تبديل ڪري جگر کي واپس جسم ۾ لڳايو ويندو آهي. بلوچستان جي علائقي زوب سان تعلق رکندڙ 28 ساله مريض صادق شاهه جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا هو. پروفيسر ڊاڪٽر فيصل ڊار، ڊاڪٽر جهانزيب ۽ ڊاڪٽر محمد اقبال ۽ ٻين ماهرن جي نگراني هيٺ مريض جو جگر ڪڍي ان کي ڪينسر کان صاف ڪري ٻيهر لڳايو ويو. مريض هاڻ مڪمل طور تي صحتياب آهي. ان موقعي تي جگر جي آٽو ٽرانسپلانٽ جي مريض صادق شاهه جو چوڻ هو ته ان جي زندگي بچڻ جا امڪان گهٽ هئا پر ڊائو يونيورسٽي جي ماهرن منهنجو علاج ڪيو جنهن کان پوءِ هاڻ مان مڪمل صحتياب جي ويجهو آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔