عمران خان جي چوڌاري ويٺل ڪجهه ماڻهو جهانگير ترين کي ٽارگيٽ ڪن پيا: راجا رياض

لاهور: تحريڪ انصاف ايم اين اي راجا رياض چيو آهي ته عمران خان جي ڀرپاسي ڪجهه ماڻهو جهانگير ترين کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن، اسان بليڪ ميلر ناهيون. لاهور ۾ جهانگير ترين جي عدالت پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته اسان تحريڪ انصاف قائد جهانگير ترين سان گڏ آهيون، اسان جو ليڊر ۽ ڪپتان عمران آهي. هن چيو ته جهانگير ترين سان گڏ 22 ايم پي ايز ۽ 8 ايم اين ايز حمايت لاءِ آيا آهن، اسان جيڪي دوست جهانگير ترين سان گڏ آهيون، عمران خان کان مطالبو ٿا ڪيون ته توهان جي ڀرپاسي ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي اسان جي قيمتي اثاثي جهانگير ترين کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن ۽ هن خلاف سازش تحت ڪوڙا ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته اسان بليڪ ميلر ناهيون، پي ٽي آءِ جا همدرد آهيون، حڪومت ۽ عمران خان کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، جيڪي ماڻهو جهانگير ترين خلاف سازش ڪري رهيا آهن، اهي عمران خان ۽ پارٽي خلاف سازش ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔