اسان اڍائي سالن ۾ 35 هزار ارب رپين جو قرض واپس ڪيو:وزيراعظم عمران خان

 اسلام آباد: وزراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان پنهنجي اڍائي سالن ۾ 35 هزار ارب رپين جو قرض واپس ڪيو آهي .

اسلام آباد ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته سي ڊي اي فراش ٽائون اپارٽمينٽس لاءِ بهترين هوم ورڪ ڪيو آهي ، ٻن سالن ۾ فراش ٽائون ۾ ماڻهن کي گهر ملندا، ٻه هزار اهڙن ماڻهن کي فليٽ ملندا جيڪي فليٽ جو سوچي به نه ٿا سگهن.

هن چيو ته منهنجو خواب آهي ته ڪچي آبادي وارن وٽ مالڪاڻا حق اچي وڃن ، حڪومت غريبن کي سستا قرض ڏيڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ، ماضي ۾بينڪن کي ننڍن ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي عادت نه هئي ، بينڪن مان ننڍا قرض حاصل ڪرڻ ۾ ماڻهن کي هاڻي به ڏکيائيون آهن .

وزيراعظم چيو ته پوئين مهيني ايف بي آر سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪئي آهي ، بدقسمتي سان ماضي ۾ اهڙا قرض ورتا ويا آهن جن سان وڌيڪ قرض چڙهي ويا آهن.

مسلم ليگ ن 5 سالن ۾ 20 هزار ارب رپين جا قرض واپس ڪيا ،اسان اڍائي سالن ۾ 35 هزار ارب  رپين جو قرض واپس ڪري چڪا آهيون ، اسان ڊيم ٺاهي رهيا آهيون جن سان زرعي پيداوار وڌندي ۽ سستي بجلي پيدا ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔