جهانگير ترين اسان سان رابطو ڪيو ته پارٽي پاليسي موجب فيصلو ڪنداسين: راناثناءُالله

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته ڪالهه جهانگير ترين سان گڏ جيڪي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جو انگ هو پنجاب حڪومت هن جي کاٻي ۽ وفاقي حڪومت ساڄي کيسي ۾ آهي. حڪومت ڪيرائڻ لاءِ کيس جهاز گهمائڻ جي ضرورت نه پوندي.

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ جهانگير ترين چئي رهيو آهي ته مون سان ظلم ٿي رهيو آهي(ن) ليگ جي خلاف ڪارروائي تي جهانگير ترين ڪڏهن ناهي چيو ته ظلم ٿي رهيو آهي. جهانگير ترين اسان سان رابطو ڪيو ته پارٽي پاليسي موجب فيصلو ڪنداسين. اپوزيشن حڪومت جي خلاف جدوجهد جاري رکندي. پي ڊي ايم ووٽ جي عزت لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ هڪ ايجنڊا طئي ڪيو ويندو.

ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته شريف فيملي جي ڪاروبار کي ڏوهه ڪري پيش ڪيو ويو. شريف فيملي لکين ماڻهن کي روزگار ڏنو. هن جو چوڻ هو ته اميد آهي ته ڊسڪه جي چونڊ صاف ۽ شفاف ٿيندي. مسلم ليگ(ن) اليڪشن ۾ واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔