آئون ته دوست هيس، دشمني ڏانهن ڇو ڌڪيو پيو وڃي؟ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين

لاهور : هڪ سال کان خاموش آهيان، وفاداري جو امتحان ورتو پيو وڃي، آئون ته دوست هيس، دشمني ڏانهن ڇو ڌڪيو پيو وڃي؟ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته هڪ سال کان منهنجي خلاف شُگر ڪميشن ۾ انڪوائري هلي رهي آهي، بئنڪ ڪورٽ لاهور ٻاهران ميڊيا سان ڳالهين دوران جهانگير ترين چيو ته منهنجا ۽ پُٽ جا اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا، افسوس آهي جو تحريڪ انصاف کان انصاف گهري رهيا آهيون، پي ٽي آءِ کان رستا ڌار نه ڪيا آهن، 10 سالن تائين پارٽي کي رت ستُ ڏنو آهي، پي ٽي آءِ ۾ شامل آهيان ۽ رهندس، هاڻي ظلم وڌندو پيو وڃي، وقت اچي ويو آهي ته انتقامي ڪارروائيون ڪندڙ کي بي نقاب ڪيو وڃي، جهانگير ترين وزيراعظم کان انتقامي ڪارروائيون ڪندڙن کي وائکو ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔