آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان چيني سفير جي ملاقات

ڪراچي:ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چيني سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي.

ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چيني سفير وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ذريعن موجب چيني سفير سان گڏ ڊفينس اتاچي ۽ قونصل جنرل ڪراچي سميت ٻيا سفارتڪار پڻ گڏ هئا، ان ملاقات ۾ شيري رحمان به شامل هئي.

چين جي سفير نونگ رونگ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي به پنهنجي ملاقات جي حوالي سان بيان ڏنو آهي.

ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڏور رس برادرااڻن لاڳاپن جي حوالي سان به گفتگو ڪئي جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي آف چائنا جي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ذريعن موجب آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو مثالي پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن جي ٻه طرفي سهڪار ۽ چين جي پاڪستان لاءِ ڪورونا ويڪسين جي معاملي تي تعريف ڪئي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔