سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اختيار هڪ جيترا ڪرڻ جو بل پيش

اسلام آباد: سينيٽر رضا رباني دستور ترميمي بل 2021 ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيو. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اليڪشن جي دوران ڳجهين  ڪيمرائن جو معاملو بحث هيٺ آيو.

سينيٽ چيئرمين چيو ته ايوان ۾ ڳجهين ڪيمرائن جي فرانزڪ جاچ ڪرائينداسين. (ن) ليگي سينيٽر اعظم نذير تارڙ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اپوزيشن جا 27 سينيٽر آزاد اپوزيشن آهن. اسان جي ميمبرن کي ڌار سيٽون ڏنيون وڃن. اسان آزاد اپوزيشن جي طور تي تعميري سياست کي جاري رکنداسين. اعظم نذير جي تقرير دوران سينيٽر دلاور خان سميت ٻين سينيٽرز گوڙ ڪيو. ريلوي واري وزير اعظم سواتي به سينيٽ ۾ خيالن جو اطهار ڪندي ايوان ۾ ڳجهيون ڪيمرائون لڳائڻ جي معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو.

سينيٽر رضا رباني دستور ترميمي بل 2021 ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيو. رضا رباني چيو ته پارليامينٽ جي ٻن ايوانن جي وچ ۾ اختيارن جي ڳالهه ٿي آهي. قومي اسيمبلي جي مقابلي ۾ سينيت جا اختيار گهٽ آهن. ايوانن کي اختيار برابر هجڻ گهرجن. رضا رباني بل ۾ سينيٽ جا اختيار وڌائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته آئين جي آٽيڪل 160، 159، 126، 86، 73، 72. 62، 57، 162 ۽ 166 ۾ ترميم ڪئي وڃي.

صوبي جي وڏي وزير کي سينيٽ ۾ ڳالهائڻ جو اختيار ڏنو وڃي. سينيٽرز لاڳاپيل علائقي مان هجي ته ووٽ منتقل ڪرائي ٻئي علائقي مان نه اچي.  جنهن کان پوءِ سينيت چيئرمين صادق سنجراڻي بل لاڳاپيل ڪمپني جي حوالي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔