ڪرونا ڪيس وڌڻ بعد برطانيه پاران پاڪستان سفري پابندين جِي ريڊ لسٽ ۾ شامل

اسلام آباد: برطانيه پاران ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد پاڪستان کي سفري پابندين جِي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪِينيا، فلپائن ۽ بنگلاديش به ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا. برطانوي ميڊيا موجب ريڊ لسٽ ۾ شامل ملڪن جَي شهرين تي 9 اپريل کان پابندي لاڳو هوندي، رپورٽ موجب سفري ملڪن جي ريڊ لسٽ ۾ شامل ملڪن مان صرف برطانوي ۽ آئرش شهرين کي ملڪ ۾ داخلا جي اجازت هوندي. برطانيا ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر برطانوي حڪومت جَي فيصلي جِي تصديق ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔