موجوده حالتن ۾ ڀارت سان ڪنهن به قسم جو واپار نه ڪنداسين: وزيراعظم’

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان موجوده حالتن ۾ ڀارت سان ڪنهن به قسم جو واپار نه ڪندو. اهڙو اظهار هن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت پاران ڀارت سان واپار بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان موجوده هالتن ۾ ڀارت سان ڪنهن به قسم جو واپار نه ڪندو. اجلاس ۾ ڀارت سان واپار بحال نه ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ڪي آئيني صورتحال بحال نه ٿيڻ تائين ڀارت سان واپار نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب وزير اعظم چيو ته اصولي موقف آهي ته ڪشمير مسئلو حل نه ٿيڻ تائين ڀارت سان واپار نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔