ڪرونا جي تيزي سان پکيڙ: سنڌ حڪومت پاران بين الصوبائي اچ وڃ تي پابندي جو مطالبو

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته لاڪ ڊائون نه پيا ڪرڻ وڃو نه ئي سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون جي تجويز رکي وئي آھي، جن صوبن مان ڪيسن جو ريشو وڌيڪ آھي ان علائقن مان ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي لڳائڻي پوندي، اسلام آباد ۾ ڪورونا صورتحال انتهائي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آھي، سنڌ حڪومت بين الصوبائي چر پر تي 14 ڏينهن لاءِ پابندي جي تجويز ڏني آهي، سنڌ ۾ ايمبولينسن جي کوٽ آھي. ان ڪري ايمبولينسن جا مسئلا دامهو اچن پيا، جيڪي ڪيس عدالت جي فيصلي تحت بند ڪيا آهن، جيڪڏهن پي ٽي آئي جي سرڪار اهي ڪيس کوليندي ته اها قانون جي لتاڙ هوندي، ماضي ۾ به پي پي ڪيسن جو مقابلو ڪيو آهي، اسان ڀڄڻ وارا ناهيون، اسان کي جلد انصاف ملندو، صوبائي وزير ناصر شاھه چيو ته سنڌ حڪومت 2 ملين ويڪسين جا ڊوز خريد ڪري پئي، جن علائقن ۾ ڪيسن جو ريشو وڌيڪ آھي ان علائقن جي اسڪولن کي بند ڪيو ويندو، پوليس اهلڪارن ۽ صحافين جي ٽيسٽ ۽ ڪورونا ويڪسين ڪرائي ويندي، ڪتن خلاف مهم جا تفصيل نه ڏيندڙ ۽ ناڪامي تي 40 آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، ناصر شاھه جو چوڻ هو ته بلدياتي اليڪشن جي تياري مڪمل آهي، بلدياتي ادارن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ به ڪم ڪيون پيا، پر ڪورونا جي صورتحال آهي، هاڻ جيڪي اين سي او سي فيصلا ڪندي ان تي عمل ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔