کنڊ مافيا جون يورپ ۾ اربين روپين جون بي نامي ملڪيتون ظاهر، جاچ ۾ نوان انڪشاف

اسلام آباد: کنڊ مافيا جي خلاف هلندڙ جاچ ۾ نوان انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب کنڊ مافيا جون ملائيشيا، دبئي، برطانيه ۽ يورپ ۾  اربين روپين  جون بي نامي ملڪيتون ٺاهيون آهن.

ذريعن موجب سٽي ۽ کند جي ناجائز منافعي مان تيار ڪيل پرڏيهه ۾ بي نامي ملڪيتون ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. کنڊ مافيا ملائيشيا، دوبئي،  برطانيه ۽ يورپ ۾ اربين روپين جون بي نامي ملڪيتون ٺاهيون.

ايف آءِ اي  ملڪيتن جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي ملڪن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پرڏيهي وزارت ذريعي پرڏيهي سفارتڪارن کي سٽه مافيا جي سرگرم ماڻهن جا نالا ۽ تفصيل ڏنا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔