نون ليگ ۽ جي يو آءِ سوچي سمجهي فيصلا ڪن، ننڍا اختلاف ويهي حل ڪرڻ گهرجن: بلاول

جيڪب آباد: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ڊي ايم کي ننڍا ننڍا اختلاف پاڻ ۾ ويهي حل ڪرڻ گهرجن، نون ليگ ۽ جَي يو آءِ سوچَي سمجهي فيصلا ڪن، اسان جَي جهيڙي جو فائدو رڳو حڪومت کي ئي ٿيندو، جيڪب آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته، مولانا فضل الرحمان اسان کان ناراض نه ٿو ٿي سگهَي ۽ هُو ڪنهن هڪ جماعت جِي حمايت نه ڪندو، لاڙڪاڻي ۾ جَي يو آءِ اسٽيبلشمينٽ سان گڏجِي پيپلزپارٽي خلاف ننڍي چونڊ وڙهِي، تنهن باوجود اسان جَي يو آءِ جَي مارچ ۾ حصو ورتو ۽ پي ڊي ايم ۾ صدارتي عهدو به جَي يو آءِ کي ڏني. بلاول چيو ته، عمران خان ڪا به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ڪو مسئلو ٿيندو آهي ته، وزيراعظم ڪنهن نه ڪنهن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي ڇڏيندو آهي، ٽن سالن دوران 2 ناڻي وارا وزير تبديل ٿيا پر پاليسي اڃا ساڳِي آهي ته اميرن کي فائدو ۽ غريبن کي نقصان پهچايو، حڪومت آرڊيننس ذريعي معيشت هلائڻ چاهي ٿي، سمورا ملڪي ادارا آءِ ايم ايف حوالي ڪري رهي آهي، اسٽيٽ بينڪ بابت آرڊيننس عدالت ۾ چيلينج ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي آزداڻو ۽ خودمختيار رول ادا ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام کي لاوارث ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ معاشي بحران پيدا ڪيو ويو ان جو ذميوار عمران خان آهي، مھانگائي جي طوفان ۾ عوام کي ڦاسايو ويو. گئس ۽ بجلي جي بلن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، پيٽرول جي قيمتن جي وڌڻ سان مھانگائي جو طوفان اچي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔