ڪورونا وڌيڪ 83 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 5 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا جي ٽئين لهر شدت اختيار ڪري وئي آهي. هاڪاري ڪيسز ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ واڌ ٿي رهي آهي.

سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جو انگ 5 هزار کان وڌي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 50 هزار 170 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 10.297.54 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 5 هزار 234 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 6 لک 78 هزار 165 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 65 هزار 817، پنجاب ۾ 2 لک 25 هزار 953، خيبرپختونخواهه ۾ 89هزار 255، اسلام آباد ۾ 59 هزار 401، بلوچستان ۾ 19 هزار 610، آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 984 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 045 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 56 هزار 347 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 83 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو انگ گڏيل طور تي 14 هزار 613 ٿي ويو آهي. 

اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي  هڪ ڏينهن دوران هڪ هزار 931 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 205، 607 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔