جيستائين مودي انتهاپسندي کان پوئتي نه هٽندو، ڀارت سان واپار نٿو ٿي سگهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيستائين مودي انتهاپسندي جي پاليسي کان پوئتي نٿو هٽي ڀارت سان واپار نٿو ٿي سگهي.

رپورٽ موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري  چيو آهي ته ناڻي واري وزارت جو موقف آهي ته ڀارت سان واپار ۾ فائدو آهي، پاڪستان جا ڀارت سان لاڳاپا بهتر نه آهن. براڊ شيٽ ڪميشن جي رپورٽ ۾ تجويز ڪيل اصلاحون تمام اهم آهن. جيستائين مودي انتهاپسندي جي پاليسي کان پوئتي نه هٽندو ڀارت سان واپار نٿو ٿي سگهي.

فواد چوڌري چيو ته ڪشميري قيد جون تڪليفون برداشت ڪري  رهيا آهن. سياسي نقطه نظر سان اسان جا لاڳاپا ڀارت سان سٺا نه آهن پر پاڪستان ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري سميت خطي ۾ امن چاهي ٿو. ڇا لکين مسلمانن جي رت کي وساري ڇڏيون؟ ڀارت سان کنڊ ۽ ڪپهه جو واپار ممڪن نه آهي.

وفاقي وزير چيو ته اي سي سي جو فيصلو حڪومت جو نه هوندو آهي سموريون وزارتون پنهنجو موقف پيش ڪنديون آهن جنهن کان پوءِ فيصلو ڪابينه ڪندي آهي. فواد چوڌري چيو ته اصل رڪارڊ نه هجڻ سبب آصف زرداري بري ٿيو. اصل رڪارڊ نيب وٽ هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔