روس جانورن لاءِ دنيا جي پهرين ڪورونا ويڪسين تيار ڪري ورتي

ماسڪو: روس جانورن جي لاءِ دنيا جي پهرين ڪورونا ويڪسين تيار ڪري ورتي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب روس جانورن جي لاءِ دنيا جي پهرين ڪورونا ويڪسين رجسٽر ڪري ورتي آهي.روس موجب جانورن جي ڪورونا ويڪسين مان وائرس جي شڪل تبديل ڪرڻ واري عمل کي روڪي سگهبو. روس جي زرعي ايجنسي روسلخوزنادزور موجب ويڪسين جي وڏي پيماني تي پيداوار اپريل ۾ شروع ڪري سگهجي ٿي.ڪارنيواڪ ڪووو جي نالي سان تيار ٿيندڙ ويڪسين جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪتن، ٻلين، لومڙين ۽ ٻين جانورن تي ان جا تجربا گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڪيا ويا هئا جيڪي ڪارآمد ثابت ٿا. روسلخوانادزور ايجنسي جي نائب سربراهه ڪونسٽنٽين ساوينڪوو ٻڌايو ته جيترن به جانورن کي اها ويڪسين ڏني وئي آهي انهن مان سئو سيڪڙو ۾ ڪورونا جي اينٽي باڊيز پيدا ٿيون ۽ هي دنيا جي سڀني کان پهرين ۽ واحڊ ويڪسين آهي جيڪا جانورن ۾ ڪورونا جي وائرس کي روڪيندي.جڏهن ته يونان، پولينڊ، آسٽريا، آمريڪا ڪينيڊا ۽ سينگاپور جي نجي ڪمپنين ۽ جانور پالڻ وارن ادارن ڪارنيواڪ ڪوو ويڪسين خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔