چين گم ٿي ويل ٻارن جي ڳولا لاءِ مدد ڪندڙ چپل تيار ڪري ورتي

بيجنگ: چين جي اوڀرين شهر ننگبو ۾ اهڙيون چپلون تيار ڪيون پيون وڃن جيڪي گم ٿي ويل ٻارن جي ڳولا ۾ مددگار ثابت ٿينديون.چپلن جي ليبلز تي گم ٿي ويل ٻارن جون تصويرون ۽ تفصيل لڳايا ويندا ته جيئن اها ڄاڻ ڪهڙي به طرح ان ٻارن جي والدين تائين پهچي سگهي ۽ هو پنهنجي ٻارن سان ملي سگهن.چين جون خبرون ڏيندڙ اداري چائنه گلوبل نيٽ ورڪ(سي جي ٽي اين) طرفان اها خبر سامهون آندي وئي ته جوتا تيار ڪندڙ ڪمپني گم ٿي ويل ٻارن جي والدين سان ملرائڻ جي لاءِ هي منفرد قدم کنيو آهي.خبر ڏسندي ئي ڏسندي سوشل ميِڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي ۽ صارفين چيني ڪمپني جي هن فلاحي ڪم جي تعريف ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔