لاهور کان لنڊن جو سفر هاڻ صرف هڪ ڪلاڪ ۾ ڪري سگهبو

فلوريڊا: لاهور کان لنڊن وڃڻ لاءِ في الحال تقريبن 8 ڪلاڪن جو وقت لڳندو آهي پر فلوريڊا ۾ واقع سپر سونڪ جيٽ فرم ايريون هڪ اهڙو جيٽ ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو لاهور کان لنڊن تائين جو سفر صرف هڪ ڪلاڪ ۾ طئي ڪري سگهندو.هن جهاز ۾ شروعاتي طور تي 50 مسافرن جي گنجائش هوندي هن جهاز کي ماحول دوست بنائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. ايرون جي چيئرمين، صدر ۽ سي اي او ٽام وائس جو چوڻ آهي ته اسان اهڙو جهاز تيار ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪو مسافرن کي 3 ڪلاڪن جي دوران دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ پهچائي سگهي.هن چيو ته اسان ٽيڪنالاجي جي مدد سان عالمي دنيا ۾ انقلاب آڻڻ چاهيون ٿا پر ان لاءِ وقت ۽ تمام گهڻن پئسن جي ضرورت پوندي. فرم جديد ترين عالمي مرڪز به ٺاهيو آهي جهاز جي تياري، تجربو ۽ تحصيص ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ هن کي 2027 ۾ پيش ڪيو ويندو. ايرين پارڪ 300 جيٽ جهاز تيار ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔