ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز کٽي ڪارڪردگي کي بهتر ڪنداسين: بابر اعظم

لاهور: قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڏکڻ آفريقا جي خلاف سيريز جي لاءِ پاڪستاني ٽيم کي فيوريٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته ميزبان ٽيم جي خلاف سيريز کٽي پنهنجا پوائنٽس بهتر ڪنداسين.پاڪستان ڪرڪيت ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پريڪٽس سٺي رهي ۽ سمورن رانديگرن پاڻ کي ڪنڊيشن کان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جو چوڻ هو ته کٽڻ جي سلسلي کي جاري رکنداسين.سموري ٽيم پراعتماد آهي ته اسان کٽينداسين. ماڊرن ڊِي ڪرڪيٽ کي سامهون رکي پلان ٺاهيو آهي دنيا ۾ جهڙي طرح جي ڪرڪيٽ ٿي رهي آهي ڏکڻ آفريقا جي خلاف به اهڙي ڪرڪيٽ کيڏنداسين. قومي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پنهنجي ڪنڊيشن ۾ سٺي کيڏندي آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته اسان کٽيون ۽ پنهنجا پوائنٽ بهتر ڪريون.هن چيو ته اسان پريڪٽس به ان پلان موجب ڪئي آهي ته اسٽرائيڪ ريٽ سٺو هجي. هاڻ اسان کي ماڊرن ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي. اسان به 350 رنسن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ 3 هڪ ڏينهن وارن ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ 2 اپريل تي ٿيندو جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻيون ميچ 4 اپريل ۽ ٽيون 7 اپريل تي کيڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔