سموري ملڪ ۾ شب برات انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ اڄ شب برات انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. شب برات جي حوالي سان مسجدن، گهرن ۽ گهٽين کي سجايو ويو آهي. ميلاد ۽ نعت خواني جون محفلون به سجايون ويون آهن. سمورا مسلمان رب پاڪ آڏو عبادت ڪري پنهنجي گناهن جون معافيون گهري رهيا آهن. شب برات تي وڏي انگ ۾ ماڻهو مقامن ڏانهن وڃن ٿا ۽ پنهنجن پيارن جي قبرن تي گل چاڙهڻ سان گڏ سندن مغفرت جي لاءِ به دعائون گهرن ٿا پر هن ڀيري ڪورونا وائرس سبب حڪومت هر قسم جي اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪري رکي آهي. عالمن به عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي گهرن ۾ ئي نفل پڙهن. قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ ذڪر ڪن ۽ نفلي روزه به رکن. ڪجهه مسجدن ۾ شب برات جي محدود اجتماعن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ڀلاري رات جو الله جا نيڪ ٻانها عبادت ۾ جاڳي گذاريندا ۽ ملڪ ۾ هلندڙ وبا جي خاتمي لاءِ دعائون به گهريون پيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔