سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جي زمينن تان فيز ون ۾ 97 سيڪڙو اڏاوتون ڊاهي پٽ: رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

ڪراچي: سنڌ جي آبپاشي کاتي حددخلين خلاف آپريشن بابت رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، فيز ون مان 97 سيڪڙو اڏاوتون ڊاهڻ جي دعويٰ، آبپاشي کاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته فيز ٽو ۾ هيل تائين 36 سيڪڙو قبضا ختم ڪرايا ويا آهن، صوبي جي 23 ضلعن مان پهرين مرحلي ۾ 54 هزار 148 اڏاوتون ڊاٿيون ويون، ٻئي مرحلي ۾ هيل تائين 16 هزار 707 اڏاوتون پٽ ڪيون ويون، آبپاشي کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا آهن، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان به هتان جا رهواسي آهيون، پرڌيهه مان ناهيون آيا، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان کان واقف آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔