ڪورونا جي ٽين لهر سبب سنڌ ۾ درگاهون وڌيڪ ڏهن ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان

ڪوٽڙي : ڪورونا جي ٽئين لهر سبب سنڌ ۾ درگاهون وڌيڪ ڏهن ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اوقاف کاتي جي وزير سهيل انور سيال جي ڊي سي آفيس ڄامشورو ۾ ضلعي انتظاميا سان گڏجاڻي ٿي، قلندر لعل شهباز جو ميلو  هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي، درگاهن کي وڌيڪ 10 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال خطرناڪ ٿي وئي آهي، ان ڪري اهم فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن، عوام کي احتياط ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔