حڪومت اپوزيشن کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي ٻيهر آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد : اچو ته چونڊ سڌارن سان گڏ نيب ۽ ٻين معاملن تي به ڳالهيون ڪريون، حڪومت هڪ قدم پوئتي هٽي آهي، هاڻي نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي به هڪ قدم پوئتي هـٽي ڳالهيون ڪن، حڪومت اپوزيشن کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي ٻيهر آڇ ڪري ڇڏي،

نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سوڌو ٻين سياسي جماعتن سان ٻيهر رابطن جو اعلان، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سيينٽ چونڊن کانپوءِ نواز ليگ جو منهن خراب آهي، اپوزيشن وزيراعظم جِي ڳالهه مڃي ها ته سينيٽ چونڊون تماشو نه بڻجن ها،

نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي 2 وڏيون جماعتون آهن، اُنهن جو ختم ٿيڻ ملڪي مفاد ۾ ناهي، سومر کان پ پ ۽ نواز ليگ سوڌو ٻين سان رابطا ڪنداسين، اپوزيشن چونڊ سڌارن واري ايڪٽ ۾ ترميم چاهي ٿي ته تجويزون پيش ڪري، اسان ايڪٽ ۾ ترميم ڪنداسين، چونڊ سڌارن کانپوءِ نيب سوڌو ٻين معاملن تي به ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، مريم نواز جِي خواهش تي پاڪستان نٿو هلي سگهي، نواز ليگ پارليامينٽ ۾ واپس نه آئي ته اُن جو ئي نقصان ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔