تحريڪ انصاف جي حڪومت هر شعبي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: بلاول ڀٽو

لاهور: پاڪستان پيپلز پارٽي جي  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت هر شعبي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي پارلياماني اڳواڻ حسن مرتضيٰ کي فون ڪيو. ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران بلاول ڀٽو زرداري حسن مرتصيٰ سان ملڪ جي گڏيل ۽ خاص طور تي پنجاب جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.

بلاول ڀٽو زرداري حسن مرتضيٰ کي پنجاب ۾ احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن جو ساٿ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي پنجاب جي عوام جي آواز بڻجي. هن حڪومت هر شعبي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

عام ماڻهو هجي يا سرڪاري ملازم هر طبقو حڪومتي پاليسين ۽ مهانگائي کان تنگ اچي احتجاج ڪري رهيو آهي. سرڪاري ملازم هجن، هاري يا شاگرد پيپلز پارٽي سڀني سان گڏ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔