(ن) ليگ هڪ دفعو ٻيهر پ پ هٿان ذبح ٿي وئي: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو جو اڳواڻ بڻجي چڪو  آهي.

مسلم ليگ(ن) هڪ دفعو ٻيهر پيپلز پارٽي جي هٿان ذبح ٿي وئي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته رائيونڊ ۾ منڍي پاوا کائي(ن) ليگ وارن کي نيب مٿان حملو ڪرڻو هو پر اهو منصوبو به ناڪام ٿي ويو.

ٻئي طرف پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ ڪامياب ٿي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته رائيونڊ ۾ اڳ ئي مريم ۽ حمزه ليگ هلي رهي آهي. جيڪڏهن ناٺي ليگ به اچي وئي ته وڏو مسئلو ٿيندو. هن چيو ته پي ڊي ايم وارن مولانا فضل الرحمان کي کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻجي ويو آهي.

مسلم ليگ(ن) هڪ دفعو ٻيهر پيپلز پارٽي جي هٿان ذبح ٿي وئي آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پنجاب ۾ ڪورونا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ وڌيڪ  ڪيس ظاهر ٿيندڙ علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔