اپوزيشن ملڪي مفاد داءُ تي لڳائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي: عثمان بزدار

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو آهي ته اپوزيشن ملڪي مفاد داءَ تي لڳائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي.

رپورٽ موجب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سان خاص صلاحڪار امين اسلم ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جا ميمبر راجا رياض، خرم شهزاد ۽ رضا نصرالله گهمڻ به موجود هئا. ملاقات دوران تڪ جي مسئلن ۽ ترقياتي منصوبن بابت ڳالهيون ڪيون ويون ۽ وڏي وزير اسيمبلي ميمبرن کي ان جي تڪن جا مسئلا حل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو.

ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته اپوزيشن ملڪي مفاد داءُ تي لڳائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي. عوام ۾ منفي سياست ڪندڙن جي ساک ختم ٿي چڪي. اپوزيشن جيڪو پوکيو اهو هاڻ لڻي رهيا آهن. پي ڊي ايم جو غير فطري اتحاد پنهنجي انجام تي پهچي  چڪو آهي. پي ڊيم ايم کي هاڻ انتشار جي سياست ڇڏي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔